رئيس ڪريم بخش نظاماڻي

رئيس ڪريم بخش نظاماڻي

رئيس ڪريم بخش نظاماڻي

رئيس ڪريم بخش نظاماڻي: نامور زميندار، اديب، موسيقيءَ ۽ ثقافت جي عاشق، رئيس ڪريم بخش ولد غلام محمد خان نظاماڻيءَ جو جنم 1909ع ڌاري ماتلي، ضلعي بدين ۾ ٿيو. هن ابتدائي تعليم ماتليءَ مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان چار درجا انگريزي پاس ڪري پنهنجو خانداني پيشو زمينداري سنڀالڻ لڳو. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي سنڌ جي انهن خدمتگارن مان هو، جن سڄي عمر بنا ڪنهن لوڀ لالچ ۽ مفاد جي ڌرتي، ٻولي، موسيقي، ثقافت ۽ عوام جي خدمت ڪئي. پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري سنڌ جي ثقافت جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيائين. شاهه جو سر سنگيت ۽ موسيقيءَ جي نغمگيءَ جي تلاش ۾ بمبئيءَ، ڪلڪتي، دهليءَ ۽ لاهور کان ٿيندو ڪشمير جي خوبصورتين ۾ گهمندو رهيو. ڪٿي ناچو ٿي نچيو ته ڪٿي ڳائيندو رهيو، ڪٿي هارمونيم تي خوبصورت سُر سجائڻ لڳو ته ڪٿي ڍولڪ نواز بڻيو، ڪٿي جهانجهه/ کنجري وڄائڻ لڳو ته ڪٿي گهنگهرن جي ڇم ڇم ۾ رقصان رهيو. رئيس ڪريم بخش نظاماڻي فلمي اداڪار، موسيقيءَ جو ماهر، سنڌي ثقافت، راندين، ميلن ملاکڙن جو اڳواڻ، ليکڪ، سچو ۽ کرو انسان هو.
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي 1928ع ڌاري بمبئيءَ جي فلمي دنيا ۾ داخل ٿيو. جڏهن آواز واريون فلمون ٺهڻ شروع ٿيون، تڏهن معمولي پگهار تي هو هڪ فلمي ڪمپنيءَ جي فلمن ۾ ڪم ڪندو رهيو. ورهاڱي کان اڳ هن سنڌي زبان جي پهرين فلم ’ايڪتا‘ ٺاهي، جنهن ۾ کيس ڪاميابي حاصل ٿي. ان فلم جي ڪاميابيءَ کانپوءِ هن بمبئيءَ ۾ ’سنڌ ساگر موويٽون‘ جي نالي سان پنهنجي فلم ڪمپني قائم ڪئي، جنهن جون 2 فلمون مڪمل ٿيڻ واريون ئي هيون ته برصغير جو ورهاڱو ٿي ويو. جنهنڪري نه صرف سندس فلمن ۾ لڳايل لکين روپين جو سرمايو ٻڏي ويو، پر ٻه موٽر ڪارون ۽ ٻيو ڪيترو ئي قيمتي سامان پڻ وڳوڙن جي ور چڙهي ويو. هٿين خالي بمبئيءَ مان واپس سنڌ آيو. بمبئيءَ ۾ عشق جي شادي پڻ ڪيائين، اها ڪشميري زال پڻ ساڻس گڏ آئي، جنهن لاءِ هن ماتليءَ ۾ سر شاهنواز ڀُٽي جي بمبئيءَ واري بنگلي کان متاثر ٿي هڪ شاندار بنگلو ٺهرايو، جنهن جو نالو My Nest رکيائين. ان زماني جي وڏي مالي نقصان ٿيڻ کانپوءِ به زندهه دليءَ سان ثقافتي ميلا ڪرائڻ، ميلن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ دوستن جون دعوتون ڪرڻ لڳو، رئيس ڪريم بخش سخي طبيعت جو هوندو هو، سڄي زندگي سندس اوطاق جي رونق جهڪي نه ٿي. سندس مهمان نوازيءَ جي هاڪ سانگهڙ جي ڄامن ۽ سن جي سيد وانگر مشهور هئي. جي. ايم سيد سندس سخاوت ۽ فني خدمتن کي مڃتا ڏيندي کيس ’باباءِ ثقافت‘ جو لقب ڏنو هو. رئيس صاحب راڳ جو شوقين هوندو هو، کيس موسيقيءَ ۾ وڏي مهارت حاصل هئي. لاڙ جا مشهور راڳي حاجي محمد عثمان ۽ سندس ڀاءُ مٺو ڪڇي اڪثر وٽس رهندا هئا. پاڻ به ڪڏهن ڪڏهن محفلن ۾ ساڻن گڏجي ڳائيندو به هو ته دڦليءَ جي تال تي خوب رقص به ڪندو هو. پاڻ ڪيترائي ساز وڄائي سگهندو هو.
سندس مقامي سياست سان به تعلق رهيو. سڄي عمر هڪ ئي سياسي پارٽيخاڪسار تحريڪ‘ ۾ شامل رهيو. جيتوڻيڪ ٻين پارٽين ۾ شامل ٿيڻ لاءِ کيس وزارت جون ۽ ٻيون آڇون به ٿيون، پر هن پنهنجي اصلي پارٽي نه ڇڏي. کيس اليڪشن ۾ ٻه ڀيرا شڪستون به آيون، پر پوءِ به پارٽيءَ سان وفادار رهيو. رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جا جي. ايم. سيد سان ويجها ۽ دوستاڻا تعلقات هئا. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ اڻ ڳڻيا عشق ڪيا. سندس ٽي شاديون ٿيل هيون. آخري گهرواريءَ مان کيس هڪ پٽ جو اولاد ٿيو.
رئيس، لاڙ ۾ سمن سرڪار جي ميلي لڳائڻ ۾ اڳڀرو رهندو هو. سندس نالو ميلي جي بانيڪارن ۾ شمار ٿئي ٿو.
رئيس ڪريم بخش پنهنجي ڦليليءَ جي ڪپ واري ’ماءِ نيسٽ‘ بنگلي تي علم ادب ۽ موسيقيءَ جون ڪيتريون محفلون ڪرايون، جن ۾ جي. ايم. سيد، پير حسام الدين راشدي، شيخ اياز، محمد عثمان ڏيپلائي، محمد ابراهيم جويو ۽ ٻيا عالم ۽ اديب شريڪ ٿيندا هئا.
’ڪيئي ڪتاب‘ (ٻه ڀاڱا) رئيس ڪريم بخش جي آتم ڪهاڻيءَ جو ڪتاب آهي، جيڪو ٽن جلدن تي مشتمل آهي، جنهن جو پهريون جلد سندس حياتيءَ ۾ 1980ع ۾ ڇپيو، ٻيو جلد 1988ع ۾ ڇپيو. هيءُ ڪتاب سنڌ جي تاريخ جو هڪ بهترين ماخذ آهي. هن ڪتاب تاريخ جي ڪيترن ئي وساريل ڪردارن کي نئين زندگي ڏني آهي.
سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي، رئيس لاءِ لکيو هو ته هو اڄ جي منافقت، ظاهرداريءَ جي فريب ۽ رياڪاريءَ جي ڍونگ خلاف هڪ مجسم احتجاج هو. هڪ اديب، راڳيءَ ۽ فنڪار جي حيثيت ۾ هو شخصي حيثيت ۾ سراپا بغاوت هو. رئيس ڪريم بخش ۽ جي. ايم. سيد جي خطن جو ڪتاب ’آيو تڙ تماچي‘ (مرتب: آزادي) جي. ايم. سيد فائونڊيشن ڇپائي پڌرو ڪيو.
رئيس ڪريم بخش نظاماڻي 31 ڊسمبر 1982ع تي وفات ڪئي.


لفظ رئيس ڪريم بخش نظاماڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1982.12.31  عيسوي

رئيس ڪريم بخش نظاماڻي 31 ڊسمبر 1982ع تي وفات ڪئي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علي نواز آريسر
پرم ابيچنداڻي
انعام شيخ
جمال رند
ولي رام ولڀ
سرور سيف
پنڊت ڪشنچند جيٽلي
صديق سالڪ برگيڊيئر
رسول بخش ٻگھيو گچيرائي
امير علي چانڊيو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون